پرڏيهي پير

پرڏيهي پير: بلڙيءَ ويجهو مشهور بزرگ سيد ابراهيم شاهه کي عرف عام ۾”پرڏيهي پير“ چوندا آهن. ماڻهن ۾ هڪ روايت آهي ته هن بزرگ جي قبر جي ڀرسان اهڙا وڻ هوندا هئا، جن کي ڪنهن جو اتفاق سان هٿ لڳي ويو ته هو مري ويندو هو. اها حالت ڏسي شاهه ڪريم سندس قبر تي آيو ۽ اچي چيائين ته: ”جيئرا ماڻهو نفس ماريندا آهن، پر تون مئل ٿي ڪري جيئرا ٿو مارين؟“ چون ٿا ته انهيءَ ڏينهن کان وٺي اهو سلسلو بند ٿي ويو. سمجهه ۾ اچــي ٿـو ته اها روايت ضعيـف الاعـتـقـاد جي ڪـري عـام ٿي هوندي. قاضي احمد (تعلقي دولتپور) کان ڏاکڻي طرف ٻن ميلن طرف به ’پرڏيهي/ پرديسي پير‘جـي قبـر مشهــور آهي، جتـي ڳـوٺاڻيـون عـورتـون بـاس باسـي، ’ڪُنـڙيــون‘ لاهينديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو